جهاڙ (Exorcism)

جهاڙ (Exorcism)

جهاڙ (Exorcism)

جهاڙ (Exorcism): جهاڙ ڦوڪ، هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي عامل، ڀوپا، ڪي چند مولوي، پادري يا پنڊت، وهم پرست ماڻهن کي ڀوتن ۽ جنن وغيره کان بچائڻ جو ڏيک ڪندا آهن.
قديم معاشرن ۾ هيءُ رواج عام هو ۽ ان جو بنياد جادوءَ تي هو. قديم بابلي تهذيب ۾ شيطان کي مارڻ لاءِ مٽيِءَ يا ميڻ جي مورتي ٺاهي ٽوڙي ويندي هئي. قديم مصرين ۽ يونانين وٽ به اهڙي ئي قسم جون رسمون هيون. دنيا جي مختلف حصن ۾ مذهبن جي پوئلڳن جهاڙ ڦوڪ جو رواج قائم رکيو آهي. مذهبي ڪتابن ۾ به جهاڙ ڦوڪ جو ذڪر ملي ٿو.
سنڌ جي ٻهراڙين، خاص ڪري ٿر ۽ راجسٿان جي علائقن ۾ هي رواج عام آهي، جنهن موجب جهاڙ جا پاڙها، جهاڙ پڙهڻ سان گڏ بيمار ماڻهوءَ کي سُور واري جاءِ تي هٿ ڦيرائيندا ويندا آهن، ان سان نفسياتي طرح بيمار محسوس ڪندو آهي ته سندس سُور گهٽجي پيو. سنڌ ۾، خاص ڪري ٿر ۾ نانگ بلائن، ۽ وڇونءَ جي ڏنگ تي به جهاڙ پڙهبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو